الطاف ملڪاڻي

الطاف ملڪاڻي

الطاف ملڪاڻي

الطاف ملڪاڻي: ڪھاڻيڪار، شاعر، محقق، مترجم، ايڊيٽر ۽ پبلشر طور سڃاتو وڃي ٿو، الطاف ملڪاڻي ولد غلام هادي ملڪاڻي 19 اپريل 1967ع تي دادو شھر لڳ ڳوٺ درگاهه ملڪاڻي شريف ۾ جنم ورتو. هن وقت فيلڊ اسسٽنٽ طور زرعي کاتي ۾ ملازم آهي. 1984ع ۾ ٻاراڻي شاعري ڪرڻ سان ادب جي دنيا ۾ پير پاتو. اڳتي هلي ڪھاڻيڪار طور نالو ڪڍيو. سندس مختصر ڪھاڻين جو مجموعو ”ساڀيائن کان رٺل سپنا“، 1994ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس ٻيو ڪتاب ”شانتي“ (اجيت ڪور جي ناوليٽ جو ترجمو) 1999ع ۾ ڇپيو. الطاف ملڪاڻيءَ جو نالو ٻاراڻي ادب جي حوالي سان مشھور آهي. مھراڻ پبلڪيشن حيدرآباد جي سرپرست جي حيثيت ۾ ٻارن لاءِ ڪافي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا اٿس. ٻارن جي مشھور رسالي ”ارچڪ مرچڪ“ جو پھرين نگران انچارج ۽ پوءِ 1997ع ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو. ٻارن جي مخزن ماهوار”لاٽ“ جو چيف ايڊيٽر (1993ع)، ماهوار ”گلستان“ جو ايڊيٽر (1993ع)، ٻارڙن جي ”سنڌ رنگ“ جو سب ايڊيٽر (1995ع)، ٻارن جي مئگزين ”دوستيءَ“ جو اعزازي صلاحڪار (1995ع) ۽ ”سندباد“ ڪتابي سلسلي جو سب ايڊيٽر رهي چڪو آهي. ان کانسواءِ ماهوار ’سنڌ رنگ‘ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر، ماهوار ’هزار داستان‘ جو سب ايڊيٽر، ماهوار ’ڪينجهر ‘ جو معاون ايڊيٽر ۽ ماهوار ’ڪرزما‘ ڊائجسٽ جو ايڊيٽر رهي چڪو آهي. جڏهن ته صحافتي حوالي سان ’خادم وطن‘، ’ڪاوش‘، ’شام‘، ’پاڪ‘، ’سرواڻ‘ سميت ٻين ڪيترن ئي سنڌي اخبارن ۾ بطور سب ايڊيٽر پنھنجون خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي. ٻاراڻي ادب جي حوالي سان سندس ترتيب ڏنل هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن: ”پلئه پايو سچ“ (شاهه لطيف جي زندگيءَ بابت سوال جواب)، ”سوريءَ سزا وار“ (صوفي شاهه عنايت شھيد جي زندگيءَ بابت سوال جواب)، ”سوري سڏ ڪري“ (لطيف سنگت سنڌ جي ٻارڙن ڏانھن آزاد سمي جا خط). سندس تخليقي ڪتابن ۾: ’در ناياب‘، ’تصوف، عشق ۽ سائين جي ايم سيد‘، ’لطيفي مينو فيسٽو‘، ’داستان حلاج‘،’عشق ڇاهي‘، ’سيد ۽ سنڌ‘ شامل آهن. الطاف ملڪاڻي سنڌيڪار جي حيثيت ۾ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيا، جن ۾: ’جيئن زردشت چيو‘ (نٽ شي)، ’طوفان‘ (رابندر ناٿ)، ’فلسفو ڇا آهي‘ (ليديا ڪور شنوا)، ’رياست ۽ انقلاب‘ (لينن)، ’چوعين لاء‘، ’تلسي داس‘، ’چئي ڀڳت ڪبير‘، ’زندگي جي ڳولا‘، ’عورت، جنس ۽ مذهب‘، ’عورت‘، ’نيرن گلن جي برسات‘، ’مجاز کان حقيقت تائين‘، ’چنگيز خان‘، ’مذهب ۽ ڌرم‘، ’نھج البلاغه‘، ’حضرت علي جا قول‘، ’جي ايم سيد جا قول‘، ’غوث پاڪ جا قول‘، ’راجا ڏاهر‘، ’شيخ سعدي‘ (سوانح حيات ۽ قول)، ’بلا شاهه جا ٻول‘، ’شير خدا جا فيصلا‘، ’خدا جي تاريخ‘، ’محبت جو فلسفو‘ ۽ ’ڦاهي گهاٽ تي بيٺل عورت‘ (ناول، ترجمو 2024ع) شامل آهن. الطاف ملڪاڻي مخلتف ادبي تنظيمن سان سلھاڙيل رهيو آهي جن ۾: سنڌي ادبي سنگت شاخ وحدت ڪالوني حيدرآباد جو ’سيڪريٽري‘، ٻارن جي دنيا سنگت سنڌ جو ’چيف آرگنائيزر‘، لطيف سنگت سنڌ جو نگران (ضلعو حيدرآباد) ۽ بزم غالب ملڪاڻي جو ”سرپرست اعليٰ“ شامل آهن.


لفظ الطاف ملڪاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.04.19  عيسوي

الطاف ملڪاڻي 19 اپريل 1967ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
بشير سيتائي
ارشاد عباسي
رحمان بابا
انور شعور
پرسوز بخاري
توڏو مري
ابراهيم خليل
شبنم گل
احمد سليم
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون